قمبر ( رپورٽر) قمبر ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن اسڪولن ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن کي ٽينٽ سٽي ڏانهن منتقل نه ڪرڻ خلاف ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي شاگردن عاقب ڀٽو، آريان ڀٽو، مدد ڪوري، علي رضا منگي جو چوڻ هو ته ڳوٺ ڇڄڙا جي بوائز هاءِ اسڪول، مڊل گرلز اسڪول، بوائز پرائمري ۽ گرلز پرائمري اسڪول ۾ اڃا تائين ٻوڏ متاثر ترسيل آهن، شاگرد ۽ شاگردياڻيون 3 مهينن کان تعليم کان محروم آهن.ضلعي انتظاميه متاثرن کي واپس ڳوٺن ڏانهن اماڻڻ ۽ ٽينٽ سٽي ڏانهن منتقل ڪرڻ لاء ڪي به ڪوششون نه پئي وٺي.