قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ مختلف علائقن جا ماڻهو مرد توڙي عورتون ٻوڏ سبب ڊهي ويل گهرن جي تعمير لاءِ آيل قسط جي رقم وٺڻ لاءِ بئنڪ اڳيان سخت گرمي ۾ نٽهڻ اس ۾ هجوم جي صورت ۾ بيٺل رهيا، متاثرن انتظامي لاپرواهي خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي خميسو ٻرڙو، گلاب چانڊيو، دلدار علي، سلطان چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته ٻوڏ سبب ڊهي ويل گهرن جي معاوضي واري رقم جي قسط جاري ٿيڻ بعد ضلعي جي مختلف تعلقن کان هتي اچون پيا عملو گهٽ ۽ ماڻهو وڌيڪ هئڻ ڪري ڪيترن ڏينهن کان پنڌ ڪرائي رلايو پيو وڃي، پيئڻ جي پاڻي جو به بندوبست نه ڪيو ويو آهي، بئنڪ عملدار ايجنٽن ذريعي آيل رقم مان 5 هزار رپيا ڪٽوتي ڪري رهيا آهن، پئسا نه ڏيڻ تي مختلف بهانن سان رلائي تذليل ڪئي پئي وڃي.