قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو وظيفو ڏيڻ لاءِ شاھ لطيف ڊگري ڪاليج ۾ قائم ڪيل سينٽر تي انتظامي لاپرواهي سبب ڪيترائي ڪلاڪ مستحق قطارون ۾ بيٺل رهيا، سخت گرمي ۾ عورتن جي پيئڻ جي پاڻي جو به بندوبست نه ڪيو ويو، جڏهن ته عورتن طرفان آيل رقم مان هزار کان 15 سئو رپيا ڪٽوتي جون به شڪايتون ڪيون ويون، هنن مطالبو ڪيو ته رقم مان ڪٽوتي بند ڪرائي وڃي.