قمبر (رپورٽ: رحيم منگي) قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ڪائونسل جو اجلاس چيئرمين قمرالدين گوپانگ جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ميمبرن کان اسڪيمون ورتيون ويون، ضلعي ڪائونسل چيئرمين ايوان کي ٻڌايو ته ضلعي ڪائونسل کي ماهوار 3 ڪروڙ روپيا ملندا آھن، جنهن مان 90 لک رپيا ملازمن جي پگهارن جي مد ۾ وڃن ٿا، هن چيو ته هن وقت ڪائونسل جي اڪائونٽ ۾ 35 ڪروڙ رپيا موجود آھن، هر يوسي کي 50 لک روپيا ترقياتي ڪمن جي مد ۾ ڏنا ويندا، اجلاس ۾ ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن عاشق جتوئي، رياض الدين ابڙو، محمدايوب ٻرڙو، عبدالجبار مگسي ۽ ٻين چيو ته امن امان جي صورتحال خراب آھي، ضلعي ۾ ٻوڏ سبب ڊهي ويل گهرن جي هن وقت تائين تعمير ناهي ٿي سگهي، هنن چيو ته اسڪولن ۾ فرنيچر ناهي، عمارتون زبون حال بڻيل آھن، مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل کاتن جي عمدارن ڏانهن ليٽر موڪليا وڃن، هنن چيو ته هن وقت تائين اسان عوام جا ڪي به مسئلا حل ناهيون ڪري سگهيا، عوام اسان کان پڇاڻو ڪري ٿو، ميمبرن چيو ته 50 لک تمام گهٽ آھن، ڳوٺن ۾ بجلي انهي، سولر پليٽون ۽ پکا ڏيڻ سميت غريب عورتن کي سلائي مشينون ڏنيون وڃن، اجلاس ۾ وائيس چيئرمين غلام محمد اسراڻ رائيس ملرز ۽ واپارين طرفان سارين جي اگهه ۾ لاٿ جي مذمت ڪندي في مڻ جي قيمت 4500 روپيا مقرر ڪرڻ جي قرارداد پيش ڪئي جيڪا منظور ڪئي وئي.