قمبر (رپورٽر) قمبر شهر جي مستوئي پاڙي جي رهواسي پورهيت عبدالغني مستوئي جي 14 سالن جي پٽ نبيل مستوئي جو گهر مان پکي ۾ ٽنگيل لاش هٿ ڪيو ويو، فوتي جي مامي گل محمد مستوئي جو چوڻ هيو ته ڀاڻج آئيس جي نشي جو عادي هيو، گهروارن کان نشي لاءِ پئسا گهريا نه ڏيڻ تي هن آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته انتظامي نااهلي سبب منشيات جو وڪرو عام ٿي ويو آهي، منشيات وڪرو بند ڪرائي وڃي.