قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ نوجوان پلاٽ مالڪي تان قتل ٿيڻ جو انڪشاف، ڪارنهن الزام ڪوڙو قرار، ڪيس داخل، قمبر جي ڳوٺ جنجهه ۾ ڪارنهن الزام ۾ جوابدار بابن ڀٽي طرفان نوجوان امتياز ڀٽي کي قتل ۽ ڀيڻ راڻي کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جا 2 ڌار ڪيس حد جي ماهي مڪول ٿاڻي تي داخل ڪيا ويا، مقتول امتياز جو قتل ڪيس سندس والد لعل بخش ڀٽي جي فرياد تي جوابدار بابن ڀٽي مٿان داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته اسان جو جوابدار ڌر سان پلاٽ جي مالڪي تان مسئلو هلندڙ هيو جنهن تان منهنجي پٽ کي قتل ڪري واقعي کي ڪارنهن جو رنگ ڏنو ويو جڏھن ته نوجوان ناري راڻي ڀٽي کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس سرڪار جي مديت ۾ اي ايس آءِ مظفر راهوجو جي فرياد تي جوابدار بابن ڀٽي مٿان داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته جوابدار ڪارنهن الزام ۾ ڀيڻ کي فائر ڪري زخمي ڪيو جڏهن ته پوليس نوجوان کي قتل ۽ ڀيڻ کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار بابن کي گرفتار ڪري نه سگهي هئي، ياد رهي ته ڳوٺ جنجهه ۾ جوابدار بابن ڀٽي فائر ڪري نوجوان امتياز ڀٽي کي زمين ۾ قتل ڪرڻ بعد گهر اچي ڀيڻ راڻي کي فائر ڪري زخمي ڪرڻ بعد واقعي کي ڪارنهن جو رنگ ڏئي فرار ٿي ويو هيو.