قمبر (رپورٽر) قمبر جي عدالت منشيات ڪيس ۾ زال ۽ مڙس کي قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، قمبر جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج طارق ڀٽي جي عدالت 6 ڪلو چرس رکڻ جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي بلوچستان جي ضلعي جعفر آباد واسي داد ڪريم بروهي ۽ سندس زال آمنه بروهي کي 9/ 9 سال قيد ۽ 80/ 80 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، سزا بعد جوابدار کي سينٽرل جيل لاڙڪاڻي ۽ سندس زال آمنه کي وومين جيل سکر اماڻيو ويو.