قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان منشيات جي وڪري سميت سماجي براين خلاف بروهي محلي کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙ برڪت ميرجت، محمد جان بروهي، اعجاز بليدي، الله ڏنو گوپانگ، اياز ميرجت ۽ ٻين چيو ته  ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر جي هر محلي چوڪ ۽ چوراهن تي هيروئن، آئيس، شراب چرس سميت هر منشيات وڪرو ٿي رهي آهي،ماڻهو منشيات جا عادي بڻجي شهر جي محلن گهٽين بازارن ۽ پاڙن ۾ منشيات استعمال ڪري رهيا آهن، پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري منشيات جو وڪرو بند ڪرايو وڃي.