قمبر (رپورٽ: رحيم منگي) صحت کاتي کي مليريا جي بيماري جي خاتمي لاءِ مليل دوائون ۽ مڇر دانيون، وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف، ليڊي سپروائزر کي ليٽر، 2 جاچ ڪاميٽيون قائم، شهرين جو چوڻ آهي ته ڪرپشن ۾ ڊي ايچ او ملوث آهي، رپورٽ موجب قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ صحت کاتي مليريا جي خاتمي واريون مليل ڪروڙين روپين جون دوائون خانگي ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، ذريعن موجب صحت کاتي کي مليل پريماڪوئين ٽيبليٽ هڪ خانگي اسٽور تي وڪرو ڪيون ويون، جڏھن مڇرن کان بچاءَ لاءِ وڏي تعداد ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ ليڊي هيلٿ سپروائيزر کي مليل مڇر دانيون غريب عورتن کي ڏيڻ بدران گهرن ۾ ڪپڙو وڪرو ڪندڙ هڪ عورت کي وڪرو ڪيون ويون، ڄاڻايل عورت وري اهي مڇردانيون پنهنجن مردن کي ڏنيون جيڪي شھر ۾ وڪرو ڪري رهيا هئا، اهڙو معاملو سوشل ميڊيا تي اچڻ بعد ڊي ايڇچ او ڊاڪٽر ذوالفقار تنيو معاملي جي جاچ لاءِ ايڊيشنل ڊي ايچ او جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي الزام هيٺ آيل ليڊي سپروائيزر اقبال خاتون ڀٽو ڏانهن ليٽر اماڻيا، ڊي ايچ او قمبر رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ميڊيڪل اسٽور تي سرڪاري دوائون وڪرو ڪرڻ واري معاملي جي جاچ هلي رهي آھي، دوائون ڊبليو ايچ او پاران سرسو سميت سماجي تنظيمن کي ڏنيون ويون هيون، جيڪي ان عمل ۾ ملوث ٿي سگهن ٿا، جڏهن مڇردانيون وڪرو ڪرڻ بابت ڊاڪٽر شاهنواز جتوئي، ڊاڪٽر شازيا پٺاڻ ۽ ڊاڪٽر خرم حسين تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي آھي، جيڪا جاچ ڪري پئي، ٻئي طرف مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن اياز ٻرڙو، حافظ عذير جاگيراڻي، محمد جان بروهي، اياز ميرجت ۽ ٻين جو چوڻ هو سالن کان مقرر ٿيل ڊي ايچ او ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث آهي، جيڪو ڪجهه ٿئي پيو اهو ڊي ايچ او جي آشيرواد سان پيو ٿئي، هنن چيو ته ڊي ايچ او کي سڀ خبر آهي پر پاڻ ملوث هئڻ ڪري ڪاميٽيون ٺاهي معاملي کي ليئه مٽي ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آھي.