قمبر(رپورٽر) قمبر ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿي ويل نوجوان ذيشان جتڪ بروهي جي قتل ڪيس ۾ پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب ڪارروائي ڪري جوابدار فهد علي چانڊيو کي پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدار ڏوھه جو اعتراف ڪيو آهي، ٻئي طرف ڪيس جي فريادي مقتول نوجوان جي والد عبدالرشيد جتڪ پريس ڪلب اچي پوليس تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته پوليس غلط بياني ڪري رهي آهي، جيڪڏهن گرفتار جوابدار منهنجي پٽ جي واقعي ۾ ملوث آهي ته ڦر ٿيل گاڏي ڪٿي آهي؟ اها ڇو ڪو نه هٿ ڪئي وئي آهي؟ پوليس پاڻ کي آجو ڪرڻ لاءِ اسان مٿان دٻاءُ وجهي گرفتار جوابدار مٿان بيهڻ جو چئي رهي آهي، هن چيو ته پوليس پٽ جي قتل ڪيس کي خراب ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي، واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.