قمبر (رپورٽر) قمبر پوليس 3 ڏينهن گذرڻ باوجود پرائمري اسڪول جي ماسترياڻي صدف حاصلو جي قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪار جوابدار فريد حاصلو کي گرفتار ڪري نه سگهي آه،پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ٽيمون جوڙي مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا آهن، جوابدار جا موبائل نمبر به بند ملي رهيا آهن، جديد ٽيڪنالوجي ذريعي جوابدار جي ڳولا ڪري رهيا آهيون، کيس جلد گرفتار ڪري قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو،پ ٽ الف اڳواڻ حبيب ڇڄڙو جو چوڻ هئو ته جوابدار ڏينهن ڏٺي جو ديده دليري سان ليڊي ٽيچر صدف حاصلو کي قتل ڪري فرار ٿي ويو، پوليس جي نااهلي سبب 3 ڏينهن گذرڻ باوجود جوابدار گرفتار ٿي نه سگهيو آهي، پوليس ٻن ڏينهن اندر قاتل پوليس اهلڪار کي گرفتار نه ڪيو ته ضلعي جا سوين استاد ايس ايس پي قمبر جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻنداسين جيڪو جوابدار جي گرفتاري تائين جاري رهندو، ٻئي طرف مقتولا جي گهر ۾ بدستور سوڳ واري صورتحال برقرار آهي وارث جوابدار کي پٽون پاراتا ڏئي رهيا آهن، ٻئي طرف جوابدار جي فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل عوامي تحريڪ جي اڳواڻ محبوب راهوجو جي واقعي جو ڪيس سٽي ٿاڻي تي زخمي جي پٽ ظفر راهوجو، جوابدار پوليس اهلڪار فريد حاصلو مٿان داخل ڪرايو آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته اسان ڳوٺ ڀرسان روڊ تي بيٺا هيا سين ته اسان جي عزيز دائم راهوجو جي گاڏي جي پويان جوابدار فائر ڪري گاڏي کي روڪيو،گاڏي مان دانهون ڪرڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا، فائر ڪرڻ جو سبب پڇيو ته جوابدار ناراض ٿي خون ڪرڻ جي ارادي سان منهنجي والد تي فائر ڪيو گولي کيس پير ۾ لڳي جنهن سبب زخمي ٿي پيو، ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ ڳوٺ راھوجا ڀرسان جوابدار فريد حاصلو گوليون هڻي صدف حاصلو کي قتل ڪيو هيو جڏهن ته گولي لڳڻ سبب محبوب راهوجو زخمي ٿي پيو هئو، مقتولا ٽيچر جي قتل جو ڪيس سندس ڀاءُ جوابدار فريد حاصلو مٿان داخل ڪرايو هئو، جڏهن ته زخمي محبوب راهوجو جو ڪيس به جوابدار فريد حاصلو مٿان داخل ڪرايو ويو اهڙي طرح جوابدار مٿان سٽي ٿاڻي تي 2 ڌار ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن.