قمبر (رپورٽر) قمبر جي ٻرڙا ڪالوني ۾ 10 سالن جو نينگر محمد حاصلو گهر جي ڇت تي لغڙ اڏائيندي هيٺ ڪري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارث بروقت علاج لاءِ اسپتال کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽرن طرفان نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.