قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان خانگي بئنڪ انتظاميه خلاف ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، طفيل سانگاھ،شوڪت چانڊيو،عرفان گوپانگ ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته قمبر ۾ سرسو جي ماتحت قائم ڪيل مائڪرو فنانس بئنڪ جتان سموري ضلعي جا ٻوڏ متاثر عورتون ۽ مرد ڊهي ويل جاين جي تعمير لاءِ موڪليل پئسن جي قسط وٺڻ ايندا آهن، بئنڪ عملو گهٽ ۽ ماڻهو گهڻا هئڻ ڪري وڏي هجوم جي صورت ۾ متاثر بئنڪ اڳيان بيٺل رهن ٿا، انهن جي پيئڻ جي پاڻي يا ويهڻ جو بندوبست به نه ٿيل آهي، ته وري ٻئي طرف آيل پئسن مان انتظاميه طرفان 5 هزار رپيا ڪٽوتي به ڪئي پئي وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته پئسن جي ڪٽوتي بند ڪرائي وڃي.