قمبر(رپورٽر) قمبر جي مين پرائمري بوائز اسڪول جي استادن ۽ شاگردن اسڪول جي نئين تعمير ٿيندڙ عمارت واري ڪم ۾ ڪرپشن ۽ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ تي ٺيڪيدار خلاف اسڪول کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، هيڊ ماستر طارق ڇڄڙو، عبدالخالق چانڊيو، حبيب ڇڄڙو، ذوالفقار ميمڻ ۽ ٻين چيو ته 2 ڪروڙ 32 لک رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ  10 ڪلاس رومز جي ڪم ۾ بااثر ٺيڪيدار ڪرپشن ڪندي عمارت جي نئين سر بنياد کان  تعمير ڪرڻ بدران اسڪول جي پراڻي بلڊنگ کي مٿان لينٽر تائين ڊاهي ان مٿان تعمير جو ڪم شروع ڪيو آهي، شڪايتن باوجود ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي وڃي.