قمبر (اسپورٽس نيوز) قمبر جي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جي گرائونڊ تي پوري سنڌ جي باگڙي نوجوانن جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ٽورنامينٽ کيڏي وئي.  ٽورنامينٽ ۾ لاڙڪاڻي، سکر، پنو عاقل، ڪراچي ۽ قمبر جون ٽوٽل 7 ٽيمن شرڪت ڪئي. فائينل ميچ پنوعاقل ۽ ڪراچي جي ٽيمن ۾ کيڏي وئي. جنھن ۾ ڪراچيءَ جي ٽيم شاندار راند جو مظاهرو ڪندي فائينل ميچ کٽي ورتي. ونر ۽ رنر اپ ٽيمن کي قمبر مشھور سماجي شخصيت ڪاڪا محمد علي چانڊيو ۽ ميڊيم بيبي باگڙي طرفان ڪپ ۽ ڪيش پرائيز ڏنا ويا.