قمبر(رپورٽر)قمبر جي بروهي محلي جي رهواسين روڊ جي تعمير وارو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف بروهي چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرو ڪندڙ محمد جان بروهي، فهد بروهي، شعيب بروهي ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته ڪروڙين روپين جي لاڳت سان بروهي محلي جي روڊ جي تعمير وارو ڪم پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي ۽ مبينا ڪرپشن سبب  رولهڙي جو شڪار ٿي ويو آهي، هڪ سال گذرڻ باوجود روڊ جي تعمير وارو ڪم مڪمل ٿي نه سگهيو آهي، بااثر ٺيڪيدار روڊ جي تعمير وارو ڪم اڌ ۾ ڇڏي گم ٿي ويو آهي، روڊ جي مڪمل تعمير نه ٿيڻ ڪري محلي واسين کي سخت تڪليف جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، هنن مطالبو ڪيو ته تعمير وارو ڪم جلد مڪمل ڪرائي تڪليفن کان بچايو وڃي .