قمبر (رپورٽر) قمبر جي ڳوٺ علي شير شابراڻي جي رهواسين وڌندڙ بدامني ۽ پوليس جي نااهلي خلاف لاڙڪاڻو باءِ پاس تي ٽائرن کي باهه ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي مختيار شابراڻي، عبدالرشيد شابراڻي ۽ ٻين چيو ته 2 ڏينهن اڳ شاگرد خادم شابراڻي امتحان ڏئي واپس ڳوٺ اچي رهيو هو ته هٿياربند ڦورو تشدد ڪري زخمي ڪرڻ بعد موٽر سائيڪل، هزارين روپيا روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري ويا، هنن چيو ته پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ ڏوهارين جي نشاندهي به ڪئي، ڊرگهه پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بعد رشوت وٺي ڇڏي ڏنو، ايس ايڇ او سلام چانڊيو ڪيس داخل ڪرڻ بدران ڏوهارين سان ڳالهيون ڪري معاملو حل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آھي، هنن آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ڌرڻي جي  ٻن ڪلاڪن ايس ايڇ او  پهچي ڳالهيون ڪري جوابدارن جي گرفتاري جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو.