قمبر( رپورٽر) قمبر جي بس اسٽئنڊ ڀرسان مغيري برادري جي ٻن ڌرين جي جهيڙي ۾ مارجي ويل 2 ڄڻن نور محمد مغيري ۽ منشاد عرف فقير مغيري جي مڙھن کي آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ٻنهي ڌرين طرفان هڪ ٻئي جي 17 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪرايا ويا مقتول منشاد جو قتل ڪيس سندس چاچي مسمات صاحبزادي سٽي ٿاڻي تي 9 جوابدارن مٿان داخل ڪرايو جڏھن ته مارجي ويل نور محمد مغيري جو ڪيس سندس ڀاءُ ولي محمد مغيري 8 جوابدارن مٿان داخل ڪرايو پر هن وقت تائين مک جوابدار گرفتار ٿي نه سگهيا آھن پوليس طرفان مقتول نور محمد جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ ميوو مغيري ۾ مقتول منشاد جي گهرن تي چڙهائي ڪئي جوابدار نه ملڻ تي پوليس 3 عورتن کي گرفتار ڪري کڻي وئي. جڏھن ته چوپايو مال به ڪاهي وئي ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول منشاد جي ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار انور مغيري کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي پر پوليس طرفان انهن جي گرفتاري ظاهر نه پئي ڪئي وڃي پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سندن گهرن تي ڇاپا هڻي ڪجهه شڪي ماڻھن کي گرفتار ڪيو آھي ڪيس ۾ ڄاڻايل مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي ڌرين ۾ ڪشيدگي واري صورتحال برقرار آھي ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ مغيري برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان 2 ڄڻا مارجي ويا هئا