قمبر ۾ بهه کڻڻ تان جھيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب پيرسن قتل: عورت سميت 3ڄڻا زخمي

0
26
قمبر ۾ بهه کڻڻ تان جھيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب پيرسن قتل: عورت سميت 3ڄڻا زخمي
قمبر ۾ بهه کڻڻ تان جھيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب پيرسن قتل: عورت سميت 3ڄڻا زخمي

قمبر (رپورٽر) قمبر ويجھو زمين تان بهه کڻڻ تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران لٺيون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب پيرسن قتل، سندس ڌيءُ سميت 3 ڄڻا زخمي،ڳوٺ سومر خان چانڊيو ۾ زرعي زمين مان بهه کڻڻ جي معاملي تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾  جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب 57 سالن جو غلام حسين چانڊيو مارجي ويو، جڏهن ته سندس ڌي فرزانه ۽ ٻي ڌر جا شبير ۽ عامر چانڊيو معمولي زخمي ٿي پيا، لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، مقتول جي پٽ اعتبار چانڊيو ٻڌايو ته ڪيترن سالن کان زميندار جي زمين جو هارپو ڪندا رهياسين ، هينئر زميندار اسان کان هارپو کسيو هيو، اسان جو  زمين ۾ بهه پيو هيو جيڪو کڻڻ وياسين ته جوابدارن حملو ڪري ڏنڊا ۽ لٺيون هڻي منهنجي والد کي قتل ڪيو ويو آهي،ٻي طرف  پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر جو چوڻ هيو ته فوتي جسم تي ظاهر ڪي به ڌڪ جا نشان نه آهن، موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جزا ورتا آهن، هوڏانهن پوليس جو چوڻ هيو ته ٻئي ڌريون پاڻ ۾ سئوٽ آهن جهيڙي ۾ پيرسن فوت ٿيو معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.