قمبر (رپورٽر) قمبر جي عدالت نينگر سان زبردستي بدفعلي ڪرڻ جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج طارق ڀٽي جي عدالت 12 سالن جي نينگر ساحل حسين جوڻيجو سان هٿيار جي زور تي بدفعلي ڪرڻ جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي جوابدار بشير احمد هيسباڻي مگسي کي عمر قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.