قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان وڌندڙ بدامني ۽ هندو برادري سان اظهار يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار جي لاپرواهي سبب بدامني رڪجي نه سگهي آهي، هڪ سازش تحت سنڌ جي ديوان برادري جي ماڻهن کي ٽارگيٽ بڻايو پيو وڃي پر پوليس خاموش بڻيل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري هندن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.