قمبر(رپورٽر) قمبر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ پوليس جي نااهلي خلاف ٽئين ڏينهن به مختلف سياسي سماجي، واپاري، مذهبي، ادبي تنظيمن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڀٽا چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئي، مظاهرين محمد جان بروهي، سراج چانڊيو، محمد علي هڪڙو، نذير احمد تنيو، عذير احمد جاگيراڻي، اياز ٻرڙو، برڪت ميرجت، پيار پنهور ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته ايس ايس پي جي نااهلي سبب ضلعي ۾ ڏوهاري وارداتن ۾ اضافو اچي ويو آهي، هاڻي گهر، دڪان، عام شهري ڪٿي به محفوظ ناهن، ڏوه ٿيڻ بعد پوليس کي بروقت اطلاع ٿا ڏيون ته ايس ايڇ او نه ڪارروائي ٿي ڪري نه وري واقعي جي اين سي داخل ٿي ٿئي، امن امان بحال نه ٿيو ته خميس ڏهاڙي ڪاروبار بند رکي شٽر بند هڙتال ڪري ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.