قمبر(رپورٽر) قمبر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ پوليس جي نااهلي خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري شهداءِ چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي مظاهرين غلام حيدر هڪڙو، شوڪت چانڊيو، غلام ائله مغيري، اياز چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته پوليس جي نااهلي سبب ڦرون ۽ چوريون روز جو معمول بڻيل آهن پوليس ڏوهارين اڳيان بي وس بڻيل آهن ڦورو ماڻهن کي يرغمال بڻائي ڏينهن ڏٺي جو موٽر سائيڪلون، موبائل فون سميت لکين رپيا ڦر ڪري وڃن ٿا شهرن توڻي ڳوٺن ۾ ڏوهاري راڄ قائم ٿيل آهي هفتو اڳ هاڪر يونين جي صدر غلام الله مغيري جي ڀا۽ حبيب الله کي ڦورو يرغمال بڻائي موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري ويا روزانو جي بنياد تي 5 کان وڌيڪ ڏوهي وارداتون ٿيڻ ٿيون پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران دلاسا ڏئي موٽائي ڇڏي ٿي سخت عذاب ۾ مبتلا آهيون هنن آءِ جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو ته نااهل پوليس آفيسرن کي هٽائي امن امان بحال ڪرائي تڪليفن کان بچايو وڃي ڌرڻو 2 ڪلاڪ جاري رهيو بعد ۾ صدر ٿاڻي جي ايس ايچ او مظاهرين وٽ پهچي ٻن ڏينهن جي مهلت وٺي احتجاج ختم ڪرايو