قمبر ۾ ايڪتا تقريب، عمر مارئي داستان پيش، ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت سان محبت جو اظهار

0
19
قمبر ۾ ايڪتا تقريب، عمر مارئي داستان پيش، ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت سان محبت جو اظهار
قمبر ۾ ايڪتا تقريب، عمر مارئي داستان پيش، ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت سان محبت جو اظهار

قمبر (رپورٽر) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار طرفان پهرين ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جي سلسلي ۾ مين گرلس هاءِ اسڪول ۾ شاندار ايڪتا تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ۾  اسڪول جي ٽيچرس ۽ شاگردياڻين قومي ثقافتي ويس اوڍي شرڪت ڪئي، تقريب ۾ شاگردياڻين طرفان انتها پسندي جي حوالي سان تقريرون ڪيون ويون، قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون، ٽيبلوز پيش ڪيا ويا، علامتي شادي ڪرائي وئي، عمر مارئي جو داستان پيش ڪيو ويو، اصلاحي خاڪا پيش ڪيا ويا، قومي راڳي رياض عباسي فن جو مظاهرو ڪري خوب داد حاصل ڪيو، ڌرتي ٻولي ۽ ثقافت سان محبت جو شاندار اظهار ڪيو ويو، هيڊ مسٽريس ثمينا شاهين سانڊاڻو، ستارا هڪڙو ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته هر سال جيان هن سال به ايڪتا تقريب ڪوٺائي وئي آهي، سنڌ رواداري جي امين رهي آهي بنا ڪنهن فرق جي پاڻ ۾ محبت، پيار ۽ ڀائيچارو رهيو آهي رواداري سنڌ جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي، تعليم ذريعي انتها پسندي کان ڃوثڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو.