قمبر(رپورٽر) قمبر جي اين سي ايچ ڊي ۽ بيڪس اسڪولن جي استادن مطالبن جي مڃتا لاءِ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، استادن روشن چانڊيو، امداد علي، محمد پريل، رحمت الله ۽ ٻين جو چوڻ هئو ته اسان کي 2021ع ۾ تعليم کاتي ۾ ضم ڪيو ويو، ضلعي جي مختلف پرائمري اسڪولن ۾ ڊيوٽيون به ادا ڪري رهيا آهيون، اسان کي 26 هزار ماهوار پگهار ڏني پئي وڃي، سا به هر مهيني ڏيڻ بدران هر 3 مهينن بعد ڏني پئي وڃي، سنڌ ڪابينا 5 سيڪڙو پگهار وڌائڻ جي منظوري ڏني پر ان تي به عمل ٿي نه سگهيو نه ئي وري اسان جون آءِ ڊيز کولي ٽريزري معرفت پگهارون ڏنيون پيون وڃن جنهن سبب سخت تڪليفن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، مهانگائي جي دور ۾ گذران ڏکيو بڻيل آهي هنن تعليم کاتي جي وڏي وزير ۽ صوبائي سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته اسان جا جائز مسئلا حل ڪري پريشانين کان بچايو وڃي.