قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس جي ايس ٽي اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڊي اي او سيڪنڊري جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مظاهرين آصف جتوئي، علي اصغر چانڊيو، راجا چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته 8 مهينا گذرڻ باوجود جي ايس ٽي، جي ڊي آر سي لسٽ تي صحيح نه ڪئي وئي آهي، تعليم کاتي جو ضلعي آفيسر سافٽ ۽ هارڊ جا بهانا بڻائي آفيس جا چڪر ڪٽرائي رهيو آهي، اسان ٽيسٽ ۾ 60 کان وڌيڪ مارڪون کنيون 3 سال گذرڻ باوجود آفر آرڊر نه پيا ڏنا وڃن، هنن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ميرٽ جي لتاڙ ڪندي پنهنجا نوازي ڪئي ويندي هنن تعليم کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته قمبر جي تعليم کاتي جي نااهلي جو نوٽيس وٺي آفر آرڊر جاري ڪري انصاف ڪيو وڃي.