قمبر(رپورٽر) قمبر جي غيبي ديرو واري ڪاڇي جي علائقي گهر پنهنجا ۾ جوابدار فائرنگ ڪري پنهنجي 25 سالن جي نوجوان زال سميرا عرف شريفان کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب مقتولا عورت جي والد رجب چانڊيو  جو چوڻ آهي ته سندس ڌيءُ کي سندس مڙس گهرو اڻبڻت تان گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي، پوليس موجب مقتولا کي منهن ۾ 4 گوليون لڳل آهن، جڏهن ته معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.