قمبر( رپورٽر) قمبر جي جابلو پٽي واري علائقي ۾ چانڊيا برادري جي بلاڻي پاڙي جي ٻن ڌرين علي جان چانڊيو ۽ ممتاز چانڊيو وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو گڙتل ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي سرپئنجي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي ماڻھن شرڪت ڪئي ڳالهين بعد ممتاز چانڊيو جي ڌر مٿان علي خان چانڊيو جي ڌر جا 5 خون ثابت ٿيا في خون جي بها 35 لک مقرر ڪئي وئي اهڙي طرح ممتاز چانڊيو جي ڌر مٿان مجموعي طور هڪ ڪروڙ 75 لک روپيا ڏنڊ وڌويو جيڪو ڌرين قبول ڪيو خوني تڪرار ۾ علي خان چانڊيو.سندس ڀاء غلام عمر.گل بهار اوشاق چانڊيو ۽ عبدالرحيم گائنچو سميت هڪ ئي ڌر جا 5 ڄڻا مارجي ويا هئا