قمبر / ميان صاحب (نمائندن وٽان) قمبر  ۽ ميان صاحب ۾ ڪتن 8 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو. قمبر ۾ ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو، ڪتن عورتن ۽ ٻارن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، جن ۾ 12 سال جي آمنت، 8 سال جي عظيمان، 18 سال جي حسين علي، 20 سال جي شوڪت، 25 سال جي آصف علي، 30 سالن جي سميع الله، 4 سال جي عليزه، 10 سال جي طيبه شامل آھن، سمورن زخمين کي اسپتال آندو ويو، جتي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد وئڪسين ڪئي وئي. ميان صاحب ويجھو ڳوٺ قالو شر جي رھواسي شعيب پٽ صالح شر کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي وڌو جنهن بعد سندس والد نينگر کي علاج لاءِ سول اسپتال ميان صاحب کڻائي پهتو ته ڊاڪٽر ڪتي واري ويڪسين ختم ٿيڻ جو چئي علاج ڪرڻ کانسواءِ موٽائي ڇڏيو.