ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ۾ پوليو جا وڌيڪ 2 نوان ڪيس ظاهر، سنڌ جي ضلعي قمبر ۽ پنجاب جي ضلعي منڊي بهاءُ الدين ۾ پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان لاڳاپيل اختيارين پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قمبر ۾ پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد سنڌ ۾ هلندڙ سال پوليو ڪيسن جو انگ 3 ۽ پنجاب ۾ نئين ڪيس بعد انگ هڪ ٿي ويو آهي. اختيارين موجب ته ملڪ ۾ هلندڙ سال تازن 2 ڪيسن سميت 5 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن. واضح رهي ته گذريل سال ملڪ ۾ پوليو جا 74 ڪيس ظاهر ٿيا هئا. جن مان 27 ڪيسن جو تعلق بلوچستان، 27  جو ڪي پي ۽ 23 جو سنڌ سان تعلق هو، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ هڪ هڪ ڪيس ظاهر ٿيو هو.