قمبر (رپورٽر) قمبر لڳ ڳوٺ جيئڻ ابڙو ڀرسان نور واھ شاخ ۾ نوجوان جو لاش لڙهندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس پهچي نوجوان جو لاش پاڻي مان ڪڍي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، نوجوان جي سڃاڻپ سرتاج ڪورڪاڻي طور ڪئي وئي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته گذريل ڏينهن نوجوان دوستن سان گڏ لاڙڪاڻي جي حد گهاڙ واھ ۾ وهنجندي ٻڏي ويو هو، جنهن جي لاش جي ڳولا ڪئي پئي وئي.