قمبر (رپورٽر) قمبر ڀرسان تيز رفتاري سبب موٽر سائيڪل وڻ سان ٽڪرائجي وئي، نوجوان فوت، سندس دوست زخمي، قمبر_ لاڙڪاڻو روڊ تي ميتلا اسٽاپ ڀرسان تيز رفتاري سبب موٽر سائيڪل ڪنٽرول مان نڪري وڻ سان ٽڪرائجي وئي، حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 25 ورهين جو نوجوان علي رضا گوپانگ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته صدام شيخ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.