قمبر ڀرسان شادي کان انڪار ڪرڻ تي پوليس اهلڪار هٿان ليڊي ٽيچر مڱيندي قتل، واٽهڙو زخمي

0
23
قمبر ڀرسان شادي کان انڪار ڪرڻ تي پوليس اهلڪار هٿان ليڊي ٽيچر مڱيندي قتل، واٽهڙو زخمي
قمبر ڀرسان شادي کان انڪار ڪرڻ تي پوليس اهلڪار هٿان ليڊي ٽيچر مڱيندي قتل، واٽهڙو زخمي

قمبر ( رپورٽر) قمبر ڀرسان شادي کان انڪار ڪرڻ تي پوليس اهلڪار فائرنگ ڪري پنهنجي مڱيندي ليڊي ٽيچر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ واٽهڙو به گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، خبر موجب قمبر جي سٽي ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ راھوجا ڀرسان اسڪول ۾ ڊيوٽي ڏيڻ بعدپرائمري ليڊي ٽيچر 29 ورهين جي صدف حاصلو ٻين ماسترياڻين سان گڏ واپس لاڙڪاڻي وڃي رهي هئي ته موٽر سائيڪل تي سوار سندس مڱيندي پسٽل جي زور تي گاڏي کي روڪي اڳين سيٽ تي ويٺل صدف حاصلو تي فائر ڪري ڏنا جنهن سبب گوليون لڳڻ ڪري هو شديد زخمي ٿي پئي جنهن کي بروقت علاج لاءِ قمبر اسپتال آندو ويو، سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، هن لاڙڪاڻي اسپتال پهچڻ کان اڳ رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته پير ۾ گولي لڳڻ سبب واٽهڙو عوامي تحريڪ جو اڳواڻ محبوب راهوجو زخمي ٿي پيو جنهن کي علاج لاءءِ اسپتال داخل ڪيو ويو، هٿياربند فرار ٿي ويا، جڏهن ته مقتولا جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مڃي ويو. هوڏانهن واقعي بابت گاڏي جي ڊرائيور محمد ايوب لاشاري جو چوڻ هيو ته اسڪول مان گاڏي تي چڙهي جيئن ئي روڊ تي آياسين ته موٽر سائيڪل تي سوار هڪ ڄڻي جنهن کي منهن تي ماسڪ ۽ مٿي تي ٽوپي پاتل هئي گاڏي کي روڪي مون سان اڳين سيٽ تي ويٺل صدف حاصلو کي  مارڻ لاءِ پسٽل ڪڍيو ته هن کيس منٿون ڪندي چيو ته مون کي نه مار گهر ڏي اچ ته پوءِ ڳالهائيندا سين، تنهن باوجود جوابدار پسٽل جا فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو ۽ هوائي فائر ڪندو فرار ٿي ويو