لاڙڪاڻو/ قمبر( رپورٽر) قمبر جي ڳوٺ درمحمد مغيري ۾ زمين جي مالڪي تان ڪمال مغيري ۽ سندس سئوٽ نياز حسين جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب عورتن سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي بروقت قمبر اسپتال آندو ويو، جتان کين لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو، جتي 3 ڄڻن ڪمال مغيري، مسمات هيران خاتون ۽ 13 سالن جي ياسين دم ڏئي ڇڏيو، جڏھن ته زخمين ۾ مسمات اربابه فداحسين، نويده، محمد آچر،  احسان ۽ ٻيا شامل آھن. پوليس موجب 3 ڄڻا مارجي چڪا آھن جڏھن ته ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي پوليس موجب ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو ٿيو ٻئي ڌريون پاڻ ۾ سئوٽ آھن پوليس جي وڏي نفري کي واقعي واري هنڌ گهرايو ويو اسپتال ۾ سهولتن جي اڻهوند سبب زخمي تڙپندا رهيا.