قمبر (رپورٽر) قمبر جي ڳوٺ عبدالله پهنور جي رهواسين بااثر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي منير پهنور، نورالدين پهنور ۽ ٻين چيو ته برسات ۾ اسڪول جي عمارت ڊھي وڃڻ ڪري پنهنجي مدد پاڻ تحت ٽينٽ اسڪول قائم ڪيو، جتي استاد بائيو ميٽرڪ ڏئي واپس هليا وڃن ٿا، اسان اهڙي پوسٽ سوشل ميڊيا تي رکي ته ڳوٺ جو بااثر ڏمرجي سوشل ورڪر منير احمد کي مارڪٽ ڪئي، هنن چيو ته وڏيرو پوسٽ ڊليٽ نه ڪرڻ تي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بااثر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.