لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ قمبر جي ڳوٺ ڏتل ابڙو جي رهواسي عورتن ۽ مردن طرفان بااثر مائٽن توڙي قمبر سٽي ٿاڻي جي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي پيرسن عورت نظير خاتون زال سچل ابڙو پنهنجي ڏيرياڻي رابعه خاتون، ڀائٽي ڄامل خاتون، ڀائٽين نديم علي ۽ نشان ابڙو سان گڏجي دانهيندي چيو ته منهنجي ڀاءُ علي محمد ڪوڙ هڻي مون کان مينهن وٺي جوا ۾ هارائي ڇڏي، ڪجھه مهينا اڳ قمبر جي عدالت ۾ ڀاءُ محمد علي ۽ سندس پٽن خلاف درخواست داخل ڪرائي آهي، ڀاءُ محمد علي ۽ سندس 6 پٽ پوليس اهلڪار سليم ابڙو، اسلم، زوهيب، اشفاق، عصمت ۽ وسيم ابڙو مون سميت منهنجي گهرڀاتين کي مختلف طريقن سان تنگ ڪري رهيا آهن، ڀاءُ علي محمد قمبر سٽي ٿاڻي تي جهيڙي جا 2 ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا آهن، جن ۾ مون سميت منهنجي نوجوان نياڻين ثمينه، عابده، ننهن امينه، ڏيرياڻي رابعه، پٽ وحيد علي، ڀائٽين نشان ابڙو، همٿ علي، نديم ۽ گلاب ابڙو جا نالا جوابدار طور شامل ڪيا ويا آهن، جنهن ڪيس جي آڙ ۾ قمبر سٽي پوليس منهنجي پٽ وحيد علي، ڀائٽين نشان ابڙو، همٿ علي، نديم ۽ گلاب کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو هو، جن کي 12 ڏينهن کانپوءِ ضمانت تي جيل مان آزاد ڪيو ويو، هن اپيل ڪئي ته بااثر انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.