قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ نادرا طرفان عوام جي سهولت لاءِ پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ متعارف ڪرائي وئي، ان سلسلي ۾ عوام کي آگاهي ڏيڻ لاءِ تقريب ڪوٺائي وئي، قمبر زون جي نادرا انچارج مجاھد حسين ڏيرو جو چوڻ هيو ته هن ايپ ذريعي ماڻهو گهر ويٺي پنهنجو ڊپليڪيٽ ڪارڊ ٺهرائڻ سميت ب فارم به ٺهرائي سگهن ٿا، جنهن سان عوام کي تمام گهڻي سهولت ٿيندي ۽ انهن جو ٽائيم به بچندو،چيئرمن نادرا طرفان اهڙي ويب متعارف ڪرائي وئي آهي.