قمبر( رپورٽر) سنڌ سرڪار جي بي ڌياني سبب قبوسعيد خان ۾ مقرر ٿيل ٽائون آفيسر دلمراد مگسي ايڪسائيز ۽ نارڪوٽيڪس ۾ انسپيڪٽر طور ڀرتي ٿيڻ بعد 10سالن تائين پگهارون کڻندو رهيو. دلمراد مگسي 2009 ۾ ايڪسائيز انسپيڪٽر طور ڀرتي ٿيو هيو ۽ انهي دوران 2013 ۾ لوڪل گورنمينٽ ۾ ٽائون آفيسر طور ڀرتي ٿيو، هو 10سالن تائين هڪ ئي وقت ٻئي نوڪريون ڪندو رهيو اهڙي طرح 2019 جنوري مهيني تائين ايڪسائيز ۽ نارڪو ٽيڪس کاتي مان به پگهارون کڻندو رهيو، سندس خلاف هڪ ئي وقت ٻه نوڪريون ڪرڻ تي قانوني ڪاروائي ڪرڻ بدران لوڪل گورنمينٽ 7 اپريل 2021 تي سينيارٽي ڏئي کيس 17 هون گريڊ ڏنو آھي، جڏهن ته هينئر دلمراد مگسي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قبوسعيدخان تعلقي ۾ ٽائون آفيسر مقرر ٿيل آهي.