قمبر (رپورٽر) قمبر مان 2010ع  ۾  اغوا ٿيل  ٻوڏ متاثر نينگري آمنا جمالي  12 سال گذرڻ باوجود هٿ اچي نه سگهي آھي، ان حوالي سان  ڳڙهي خيرو جي رهواسي عنايت جمالي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته 2010ع جي ٻوڏ ۾ ڳڙهي خيرو ٻڏڻ بعد مون خاندان سميت لڏ پلاڻ ڪري قمبر جي ڪلرائي گوپانگ محلي ۾ مسواڙ تي جاءِ وٺي رهائش اختيار ڪئي هئي، جتان منهنجي 7 سالن جي ڌيءُ آمنه جمالي دڪان تان شئي وٺڻ لاءِ نڪتي ته کيس نامعلوم ماڻهو اغوا ڪري ويا، 12 سال گذرڻ باوجود پوليس نياڻي جي بازيابي لاءِ تحرڪ نه ورتو آهي، ڌيءُ کي بازياب ڪرايو وڃي.