قمبر (رپورٽ: رحيم منگي) قمبر ۾ مامن 13 سالن جي يتيم ڀاڻيجي کي 4 لک روپين ۾ وڪرو ڪري اڌڙوٽ سان پرڻائي ڇڏيو، نينگري وجهه وٺي ڀڄي ٿاڻي تي پهتي، عدالتي حڪم تي ڪيس داخل، خبر موجب شهر جي برڪت شاهه محلي جي رهواسڻ 13 سالن جي يتيم نينگري انيلا ڌيءُ شمن رنگ ابڙو جيڪا والدين جي فوت ٿيڻ بعد شھر جي نصيرآباد ناڪو ڀرسان پنهنجن مامن وٽ رهندي هئي، ان کي مامن 4 لک روپين عيوض وڪرو ڪري ڳوٺ سون واهه واسي اڌڙوٽ شخص محمد ابراهيم چانڊيو سان پرڻائي ڇڏيو، نينگري وجهه وٺي مڙس وٽان فرار ٿي پناهه لاءِ قمبر ٿاڻي تي پهتي، پوليس نينگري انيلا کي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي نينگري بيان ڏيندي چيو ته والدين فوت ٿي ويا آھن، پنهنجن مامن اقبال، راشد، علي مردان ۽ مور گراماڻي چانڊيو وٽ رهندي هيس، جن 6 مهينا اڳ مون کي گهمائڻ بهاني وٺي وڃي ڳوٺ سون واهه واسي اڌڙوٽ شخص ابراهيم چانڊيو وٽ 4 لک روپين عيوض وڪرو ڪري ان سان زبردستي مرضي بنا شادي ڪرائي ڇڏي، بيمار ٿي پيس ته علاج لاءِ قمبر وٺي آيا، جتان ڀڄي ٿاڻي تي پناهه ورتي، هن چيو ته پنهنجي پڦي عجيبان وٽ وڃڻ چاهيان ٿي، جنهن تي عدالت نينگري کي پڦي حوالي ڪري پوليس کي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ نينگري جو ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، عدالتي حڪم تي پوليس نينگري انيلا جي پڦي عجيبان خاتون جي فرياد تي چائلڊ ميريج ايڪٽ تحت نينگري جي مامن ۽ شادي ڪندڙ خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو، هوڏانهن نينگري جي ڊي اين اي سميت ٻيا ضروري جزا ورتا ويا.