قمبر (رپورٽر) قمبر جي ڳوٺ راھوجا ڀرسان قتل ٿي ويل ماسترياڻي صدف حاصلو جي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار پوليس اهلڪار فريد حاصلو کي 4 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس گرفتار ڪري نه سگهي، مقتولا جي ڀاءُ ڪيس جي فريادي رضوان حاصلو جو چوڻ هيو ته پوليس جوابدار اهلڪار کي هن وقت تائين گرفتار ڪري نه سگهي آهي، جوابدار مان اسان کي به جان جو خطرو آهي، هن آءِ جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو ته جوابدار کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي، ٻئي طرف پ ٽ الف سٽي قمبر جي صدر طارق ڇڄڙو جو چوڻ هيو ته مقتولا صدف حاصلو  جي قاتل پوليس اهلڪار جي گرفتاري ۽ پوليس جي لاپرواهي خلاف اڄ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو، هوڏانهن ايس ايس پي ساجد سدوزئي جو چوڻ هيو ته جوابدار فريد حاصلو جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن کيس جلد گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو ويندو.