قمبر (رپورٽر) قمبر لڳ نوجوان مبينا اغوا، خبر موجب جاگير واري علائقي جي ڳوٺ نهال خان عاجباڻي چانڊيو مان 20 سالن جو محمد لائق چانڊيو 2 موٽرسائيڪل سوارن هٿان مبينا اغوا ٿي ويو، نوجوان جي اغوا جو اطلاع ڊرگهه ٿاڻي تي ڏنو ويو، نوجوان جي والد فقير امير جان چانڊيو جو چوڻ هو ته قمبر جي درگاهه حسين آباد ۾ سڪيورٽي جي ڊيوٽي ڪندو آهيان، 4 ڏينهن اڳ ڳوٺ ۾ 2 نامعلوم شخص موٽرسائيڪل تي آيا جن پڇا ڪئي ۽ منهنجي وڏي پٽ محمد لائق سان مليا، جنهن کي هنن چيو ته تنهنجي والد ۾ ضروري ڪم آھي، اسان سان گڏجي هل، منهنجو پٽ هنن سان موٽرسائيڪل تي ويو ۽ 4 ڏينهن گذري ويا آھن پر واپس ناهي آيو، جڏھن ته سندس موبائل فون به بند ملي رهيو آهي، هن چيو ته موٽرسائيڪل سوارن پٽ کي اغوا ڪيو آهي، جنهن جو اطلاع ڊرگهه پوليس کي ڏنو آهي.