قمبر (رپورٽر) قمبر لڳ تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب نينگري فوت، خبر موجب ٻير روڊ تي ڳوٺ سوڍر ڀرسان تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب 7 سالن جي نينگري ريحانا ڌيءُ گلاب بروهي فوت ٿي وئي، حادثي بعد ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو، نينگري پنهنجي ماءُ سان گڏ قمبر مان چنگچي رڪشا تي ڳوٺ آڍو خان بروهي وڃي رهي هئي، جنهن دوران هوءَ رڪشا مان لهي روڊ ڪراس ڪري رهي هئي ته کيس تيز رفتار ڪار ٽڪر هنيو، ضروري ڪارروائي بعد نينگري جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.