قمبر/ميروخان (رپورٽ: عبدالرحيم منگي + صفر گوپانگ) قمبر جي ايس ايس پي آفيس جي وومين پروٽيڪشن سيل جي انچارج صنم پروين بروهي طرفان ايس ايس پي آفيس جي اسٽيبلشمينٽ برانچ جي انچارج انسپيڪٽر رياض سومرو ۽ هيڊ ڪلارڪ سڪندر لاشاري مٿان هراسان ڪرڻ جا الزام، اهڙي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، وڊيو ۾ صنم پروين جو چوڻ هو ته مان گذريل 5 سالن کان وومين پروٽيڪشن سيل جي انچارج آهيان، ٻين عورتن کي انصاف وٺي ڏيندڙ آئون پاڻ عتاب جو شڪار آهيان، بااثر پوليس انسپيڪٽر رياض سومرو ڪيترن سالن کان ايس ايس پي آفيس ۾ مقرر ٿيل آهي، هو شيٽ ڪلارڪ جو به ڪم ڪندو آهي، مون کي تعلقات رکڻ لاءِ زور ڀريندو رهيو آهي، هن ڪجھه ڏينھن اڳ منهنجي کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ليڊي اهلڪار کي نياپو ڏنو ته ميڊم کي چئو ته مون سان تعلقات رکي نه ته کيس عهدي تان هٽايو ويندو، انڪار ڪرڻ تي مون کي مختلف طريقن سان هراسان ڪندو رهيوآهي، مان هڪ شريف گهراڻي جي عورت آهيان، سندس وڊيو ۾ چوڻ آهي ته ايس ايس پي جي بدلي بعد 6 ڊسمبر تي هيڊ ڪلارڪ سڪندر لاشاري سان ملي ڀڳت ڪري جعلي ليٽر ڪڍي مون کي هٽائي هڪ ٻئي عورت کي وومين پروٽيڪشن سيل جو انچارج مقرر ڪيو، جنهن جي پوليس کاتي ۾ 6 مهينا سروس آهي، منهنجي 12 سال سروس آهي، هن وڊيو ۾ آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته کاتي ۾ ويٺل اهلڪار عورت اهلڪارن کي هراسان ڪن ٿا، هن چيو ته انسپيڪٽر رياض سومرو ۽ هيڊ ڪلارڪ سڪندر لاشاري جيڪي ليڊيز پوليس اهلڪارن ۽ ويريفڪيشن توڙي ٻين ڪمن لاءِ ايندڙ عورتن کي هراسمينٽ ڪندا رهندا آهن، انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڏنو وڃي، جڏهن ته هن پنهنجي اخبار طرفان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته مون کي ڪافي وقت کان ويجهڙائپ ۽ دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪيو پيو وڃي، مجبور ٿي سوشل ميڊيا تي وڊيو رکيو، اميد ته مون سان انصاف ٿيندو.
وومين پروٽيڪشن سيل انچارج کي ايس ايس پي هٽايو: رياض سومرو
قمبر/ميروخان: الزام هيٺ آيل پوليس انسپيڪٽر رياض سومرو جو چوڻ هيو ته مون مٿان اجايا الزام لڳايا ويا آهن، ايس ايس پي ڪليم ملڪ 6 ڊسمبر تي چارج ڇڏي هئي، ان ئي کيس هٽايو آهي،جڏهن ته الزام هيٺ آيل هيڊ ڪلارڪ سڪندر لاشاري موجب مون کي ڪا به خبر نه آهي، مون کيس ڪڏهن به هراسان نه ڪيو آهي، ڪوڙو الزام لڳايو ويو آهي، ڊپارٽمينٽ انڪوائري ڪرائي وڃي. ياد رهي ته 6 ڊسمبر تي ايس ايس پي قمبر ڪليم ملڪ جي وڃڻ بعد نئون ايس ايس پي مقرر ٿي نه سگهيو آهي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو روحل خان کوسو کي عارضي طور قمبر جي چارج مليل آهي، واقعي بابت روحل خان کوسو کان به معلومات وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو پر ڳالھه ٻولھه نه ٿي سگهي.