قمبر( رپورٽر) قمبر جي عدالت عورت سان جنسي ڏاڍائي ڪري قتل ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 2 جوابدارن کي ڦاهي ۽ هڪ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي خبر موجب قمبر جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج طارق علي سانگهرو جي عدالت  نوجوان عورت گلشن خاتون ڪلال کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي بي دردي سان قتل ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 2 جوابدارن محمد علي گوپانگ ۽ رضا محمد عرف سجو ڪلال کي ڦاهي. 20.20 لک رپيا ڏنڊ ۽ هڪ جوابدار غلام رسول گوپانگ کي عمر قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آھي جوابدارن 12 سال اڳ شھر جي کبڙي مڪان محلي ۾ گهر اندر گهڙي هٿيارن جي زور تي نوجوان عورت گلشن خاتون زال جاويد ڪلال کي يرغمال بڻائي جنسي ڏاڍائي ڪرڻ بعد بيدردي سان قتل ڪيو هيو اهڙي واقعي جو ڪيس مقتوله جي والد مظهر علي ڪلال قمبر جي سٽي ٿاڻي تي مٿين 3 جوابدارن مٿان داخل ڪرايو هيو  اهڙي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عدالت 2 جوابدارن محمد علي گوپانگ ۽ رضا محمد ڪلال کي ڦاهي ۽ 20. 20 لک ڏنڊ جڏھن ته جوابدار غلام رسول گوپانگ کي عمر قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي عدالتي فيصلي موجب جوابدار ڏنڊ جي رقم مقتولہ عورت جي وارثن کي ڏيندا ياد رهي تہ اهڙي ڪيس ۾ عدالت طرفان ٽنهي جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ٻڌايل هئي جوابدارن طرفان هاء ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائڻ بعد ڪيس ٻيهر هلايو ويو سزا بعد جوابدارن کي پوليس جي سخت پهري ۾ لاڙڪاڻو سينٽرل جيل موڪليو ويو