قمبر (رپورٽر ) قمبر جي صحت کاتي ضلعي جي ٽن  تعلقن ۾ پوليو وائرس هجڻ جو انڪشاف ڪندي سومر کان پوليو مهم جي شروعاتي ڪري ڇڏي آهي،  ڊي ايچ او ڊاڪٽر گلزار علي تنيو جو چوڻ هو ته ضلعي جي ٽن تعلقن شهدادڪوٽ سٽي ۽ ان جي يونين ڪائونسل جمالي، نصيرآباد جي يونين ڪائونسل ڏيرا ۽ قمبر سٽي ۾ پوليو وائرس موجود هجڻ جون ثابتيون مليون آهن، ان لاءِ پوليو جي خطرناڪ وائرس کي ختم ڪرڻ لاءِ سومر 24 مارچ کان 28 مارچ تائين انهن يوسيز ۾ پوليو مهم جو آغاز ڪندي نئين ڄاول ٻار کان پنجن سالن جي عمر  تائين جي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا ۽ ٽڪا هنيا ويندا، ڊي ايچ او جو چوڻ هيو ته فيبروري ۾ يوسي ڏيرا ۾ 3 مهينن جي ٻارڙي کي واڇ ۾ پوليو ظاهر ٿيو، جڏهن ته قمبر سٽي مان ورتل سمپل مان پازيٽو رپورٽ اچي پئي، اهڙي طرح شهدادڪوٽ جي يو سي ون ۽ ساڳئي تعلقي جي بارڊر ايريا جي يوسي جمالي ۾ احتياطن مهم هلائي پئي وڃي.