قمبر ضلعي جي خُوشحاليءَ وارو خُواب ۽ حڪومتي بيحسي … عبدالرحيم منگي قمبر مان لکي ٿو

0
37
قمبر ضلعي جي خُوشحاليءَ وارو خُواب ۽ حڪومتي بيحسي ... عبدالرحيم منگي قمبر مان لکي ٿو

اڄ قمبر ضلعي جي بحاليءَ واري جدوجهد دوران 24 ڊسمبر 2004ع تي پوليس جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل 4 شهرين استاد مدد علي مگسي، ناصر خانزادو، عبدالفتاح تنيو ۽ رياض ٻرڙو جي 20 هين ورسيءَ جو ڏينهن آهي. 2004ع مشرف جي دور ۾ نواب شبير احمد چانڊيو جيڪو ان وقت پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر هو، جنهن پنهنجون وفاداريون بدلائي پ پ پ کي الوداع ڪري مسلم ليگ (ق) ۾ شموليت اختيار ڪئي ته سرڪار طرفان کيس انعام ۾ لاڙڪاڻي ضلعي کي ٻن حصن ۾ ورهائي پهرين ڊسمبر 2004ع تي ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت واري دور ۾ عوام کي بنيادي سهولتون ۽ تڪڙو انصاف ڏيڻ جي نالي سان سنڌ ۾ نوان ضلعا ٺاهڻ جو اعلان ڪندي لاڙڪاڻي ضلعي کي ٻن حصن ۾ ورهائي قمبر ائٽ قمبر ضلعي جو قيام عمل ۾ آندو ويو، سرڪار جي اهڙي فيصلي بعد قمبر جا ماڻهو خوشيون ملهائي رهيا هئا ته وري ڪجهه ڏينهن بعد سنڌ سرڪار ان وقت جي صلاحڪار شهدادڪوٽ واسي سلطان احمد کهاوڙ جيڪو وڏي وزير ارباب رحيم جو دوست پڻ هو، جي ناراضگيءَ سبب قمبر ضلعي وارو فيصلو واپس وٺي شهدادڪوٽ ضلعي جو اعلان ڪيو، جنهن کي قمبر جي ماڻهن پاڻ سان ناانصافي ۽ بيعزتي سمجهي اهڙي فيصلي خلاف ۽ قمبر کي واپس ضلعي جو درجو ڏيارڻ لاءِ قمبر ضلعو بچايو ڪميٽي جوڙي احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي، واپاري ۽ پورهيت تنظيمون شامل هيون، احتجاجن شهر کي بند ڪري شٽربند هڙتال ڪري ارباب سرڪار خلاف احتجاج ڪيا ويا، روڊن رستن تي ماڻهن رڪاوٽون رکي ٽريفڪ کي به بند ڪري ڇڏيو، 24 ڊسمبر 2004ع تي پرامن احتجاج تي پوليس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 4 شهري پرائمري استاد مدد علي مگسي، ناصر خانزادو، رياض ٻرڙو ۽ عبدالفتاح تنيو گوليون لڳڻ سبب شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 56 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪُجهه ماڻهن کي پوليس گرفتار ڪيو ته ماڻهن انهن کي ڇڏائڻ لاءِ ٿاڻي جو رخ ڪيو ته پوليس سان جهيڙو ٿي پيو ۽ حالتون خراب ٿي ويون، پوليس طرفان 1200 سئو شهرين مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته 4 شهرين جي مارجڻ ۽ قمبر کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ لاءِ قمبر جي عوام لاڳيتو پرامن احتجاج جاري رکيو، 30 ڏينهن شهر بند رهيو، 4 شهرين جي مارجڻ جو ڪيس پوليس آفيسرن سميت اهلڪارن مٿان داخل ڪيو ويو.

اهڙي صورتحال کانپوءِ ارباب حڪومت جي ڪابينا ۾ شامل نادر اڪمل لغاري، امتياز شيخ، سهراب سرڪي، الطاف انڙ قمبر اچي جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون، شهرين جي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل پوليس جا ڪجهه عملدار گرفتار به ٿيا، بعد ۾ راڄوڻي فيصلو ڪري شهيدن جي وارثن کي معاوضو ۽ سرڪاري نوڪريون به ڏنيون ويون، 7 مهينا لاڳيتو شهرين جو احتجاج جاري رهيو، بعد ۾ سرڪار 15 جولاءِ تي قمبر شهدادڪوٽ ائٽ قمبر ضلعي جو قيام عمل ۾ آندو، اهڙي طرح قمبر کي ضلعي جو درجو ملي 20 سال ٿي ويا آهن پر عوام اڄ به صحت، تعليم، روڊن رستن سميت بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهي.

قمبر ضلعي سان ناروا سلوڪ رکيو ويو آهي، ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر کي جيڪي سهولتون ملڻ گهرجن، اهي نه ملي سگهيون آهن، ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر ۾ ڪا به يونيورسٽي ڪئمپس يا پبلڪ اسڪول تعمير ٿي نه سگهيو آهي، نه ئي وري راندين لاءِ ڪو ميدان، اسپورٽس ڪامپليڪس جُڙي سگهيو آهي، 20 سال گذرڻ باوجود ڊسٽرڪٽ جيل، پوليس لائين، گيسٽ هائوس، آفيسرز ڪالونيءَ جو قيام عمل ۾ نه اچي سگهيو آهي، ماڻهن جي تفريح لاءِ ڪو پارڪ به ٺهي نه سگهيو، ڪروڙين روپين جي لاڳت سان تعمير ڪرايل ڊي ايڇ ڪيو اسپتال به ڪامورن ۽ چونڊيل نمائندن جي نااهلي سبب او پي ڊي تائين محدود بڻيل آهي، ضلعي جي قيام بعد نوان روڊ رستا به تعمير ٿي نه سگهيا، ويتر حڪمران جماعت جي ماڻهن توڙي بااثرن روڊن رستن ۽ سرڪاري پلاٽن تي قبضا ڪري شهر جي سُونهن کي وڃائي شهر کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي، ماڻهن جو روڊن رستن تان گذرڻ به مشڪل بڻيل آهي، هِي ضلعو ڪامورن لاءِ سوني جهرڪي ليکيو ويندو آهي، هن ضلعي کي ترقي ڏيارڻ لاءِ سرڪار طرفان اربين رپيا ڏنا ويا، پر اهي ڪرپشن جي ور چڙهي ويا، هن ضلعي جو پهريون ضلعي ناظم مرحوم نواب شبير احمد چانڊيو ٿيو، اهڙي طرح هن ضلعي تي 20 سالن کان چانڊيا ۽ مگسي نواب حڪومت ڪندا رهيا پر چئن شهيدن جي قربانين عيوض مليل 7 تعلقن تي مشتمل 20 لک آبادي واري هن ضلعي جا رهواسي هن وقت به بنيادي سهولتن کان محروم بڻجي تڪليفن واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن، هي ضلعو ڪڏهن ترقي ڪندو ۽ ڪير ترقي ڏياريندو اهو هڪ سواليه نشان بڻيل آهي، اهڙي طرح ماڻهن طرفان ضلعي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڏٺل خوابن جي تعبير ٿي نه سگهي آهي.