قمبر (رپورٽر) قمبر ضلعي جي بحالي واري جدوجهد دوران 24 ڊسمبر 2004 تي پوليس جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل 4 شهرين استاد مدد علي مگسي، ناصر خانزاده، عبدالفتاح تنيو ۽ رياض ٻرڙو جي 20 هين ورسي جي سلسلي ۾ اڄ شهري ايڪشن ڪاميٽي ۽ ضلعو سينگاريو ڪاميٽي طرفان ڌار، ڌار تقريبون منعقد ڪيون وينديون،شهري ايڪشن ڪاميٽي طرفان شهداءِ چوڪ تي شهيدن جي ورسي جو جلسو ڪوٺايو ويندو، جڏهن ته ضلعو سينگاريو ڪاميٽي طرفان پريس ڪلب اڳيان جلسو ڪيو ويندو،جڏهن ته شهيدن جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواڻي پڻ ڪئي ويندي.