قمبر (رپورٽ: عبدالرحيم منگي) قمبر ضلعي جي بحالي واري جدوجهد دوران 24 ڊسمبر 2004ع ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل 4 شهرين استاد مدد علي مگسي، ناصر خانزادو، رياض ٻرڙو ۽ عبدالفتاح تنيو جي 20هين ورسي تي تعزيتي ميڙاڪا ڪوٺائي، سندن مزارن تي چادرون چاڙهي ڀيٽا ڏني وئي، سندس ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني پڻ ڪرائي وئي، شهري ايڪشن ڪاميٽي طرفان ڀٽو چوڪ تي تقريب ڪوٺائي وئي، جڏهن ته ضلعو سينگاريو ڪاميٽي طرفان پريس ڪلب اڳيان تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، ورسي تقريب کي خطاب ڪندي نذير احمد تنيو، درمحمد ٻرڙو، رياض لاکو، محمد علي هڪڙو، برڪت ميرجت، واجد گوپانگ ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته قمبر ضلعو اسان کي خيرات ۾ نه پر چئن شهرين جي جانين جي قربانين عيوض مليو، ضلعي جي قيام کي 20 سال گذري ويا پر هن وقت تائين هن ضلعي جي عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿي نه سگهيا آهن، تعليم جي حوالي سان ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر ۾ نه يونيورسٽي جي ڪا ڪئمپس آهي نه ئي وري پبلڪ اسڪول آهي، نه ئي وري نوجوانن لاءِ راندين جو ميدان، اسپورٽس ڪامپليڪس تعمير ٿي سگهيو آهي. هن وقت تائين ڊسٽرڪٽ جيل،پوليس لائين، گيسٽ هائوس، آفيسرز ڪالوني سميت شهر جا روڊ رستا به تعمير ٿي نه سگهيا آهن، ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل ڊي ايچ ڪيو اسپتال به انتظامي لاپرواهي سبب او پي ڊي تائين محدود بڻيل آهي، هن ضلعي کي ترقي ڏيارڻ لاءِ سرڪار طرفان اربين رپيا جاري ڪيا ويا، پر چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي ۽ ڪامورن جي ڪرپشن سبب هي ضلعو ترقي ڪرڻ بدران تباهي ڪناري پهچي ويو، شهيدن جي نالن سان منسوب ڪيل روڊن جون تختيون به پٽجي ويون، مشرف سرڪار ۽ ارباب رحيم جي وڏ وزارت واري دور 2004ع ۾هتان جي سگهاري شخصيت نواب شبير احمد خان چانڊيو پ پ کي الوداع ڪري مسلم ليگ ق ۾ شموليت ڪئي ته سرڪار طرفان لاڙڪاڻي کي ٻن حصن ۾ ورهائي قمبر ضلعي جو قيام عمل ۾ آندو ويو، سرڪار هڪ هفتي بعد قمبر جو نالو تبديل ڪري شهدادڪوٽ ضلعي جو قيام عمل ۾ آندو ته هتان جا شهري سراپا احتجاج بڻجي ويا، پوليس فائرنگ ڪري 4 شهرين کي شهيد ڪيو، 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا، 1200سئو شهرين مٿان ڪيس به داخل ڪيا ويا تاريخي جدوجهد بعد قمبر کي ضلعي جو درجو مليو، پ پ هن ضلعي جي شروع کان وٺي مخالف رهي جنهن ڪري هن ضلعي سان ناروا سلوڪ اختيار ڪندي ضلعي هيڊ ڪوارٽر واريون سهولتون نه ڏنيون، اڳواڻن جو چوڻ هو ته هي ضلعو آفيسرن لاءِ سوني جهرڪي سڏيو ويندو آهي هتي نااهل، راشي آفيسر مقرر ڪيا ويا جن هن ضلعي جي ڀينگ ڪري ڇڏي، ستن تعلقن تي مشتمل 20 لک آبادي واري هن ضلعي جا رهواسي بنيادي سهولتن کان محروم بڻجي تڪليفن واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن، جيڪڏهن عوام جا جائز بنيادي مسئلا حل نه ڪيا ويا ته ضلعي جي بحالي واري تحريڪ جيان ٻيهر احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.