قمبر (رپورٽر) قمبر شھدادڪوٽ ضلعي انتظاميا توڙي پوليس غير قانوني ترسيل افغانين سميت پرڏيهين خلاف هن وقت تائين اثرائتي ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي، ان سلسلي ۾ گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ضلعي ۾ 225 افغاني،13بنگالي ۽ 5 چائنيز سميت 535 غير ملڪي ترسيل آھن، جن مان قمبر ۾131، ميروخان ۾ 57، نصيرآباد ۾ 43، قبوسعيد خان ۾ 19، شھدادڪوٽ ۾ 133، سجاول جوڻيجو ۾ 86 ۽ وارهه تعلقي ۾ 66 غير ملڪي ترسيل آھن، ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميا توڙي پوليس هڪ به پرڏيهي کي سوگهو نه ڪري سگهي آهي، ايس ايس پي آصف رضا بلوچ جو چوڻ ھو ته غير قانوني ترسيل پرڏيهين کي هٿ ڪرڻ لاءِ قمبر، نصيرآباد، وارهه، پکو، قبوسعيد خان ۽ ٻين هنڌن تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران ڪجهه ماڻهن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو، جن کي بعد ۾ جاچ بعد ڇڏيو ويو.